شرح نور الايضاح قلمي ڪتاب

شرح نور الايضاح (قلمي ڪتاب): هي عربي ٻوليءَ ۾ لکيل قلمي ڪتاب فقھ تي مشتمل آهي جنهن جو مصنف حسن بن عمار الشرنبلالي آهي. حسن بن عمار 994هه/1585ع ۾ ڄائو. حسن نامور محدث ۽ فقيهه هجڻ کانسواءِ جامع الازهر يونيورسٽي ۾ استاد پڻ هو. 1079هه/1668ع ۾ وفات ڪيائين. هي ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف هو. سندس هي ڪتاب فقھ بابت آهي. جيڪو خط نسخ ۾ ڪتابت ٿيل آهي. ڪتابت جو سن ۽ ڪاتب ڄاڻايل نه آهي. 228 صفحن تي مشتمل هي قلمي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ جي قلمي نسخن ۾ محفوظ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو